اسلام آبا?? – 09 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن جي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، شموليتي سيڙپڪاري ۾ سمورن شعبن خاص طور تي عورتن تي ڌيان ڏيڻ گ??رج??، ڪرپشن کان ب??اءُ، ڪارڪردگي ۾ اضافي ۽ نظم ?? ضبط تي ڌيان ڏيڻ سان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، موجوده حڪومت روزگار ۽ تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آ??ي، انهن شعبن ۾ اڻبرابري ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شموليتي سيڙپڪاري پاڪستان ايڪسپو 2020ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.