اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته م??ال?? ڌر ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ جرم تي ڌيا?? بدران افراتفري ۽ غير يقيني وڌائڻ چا??ي ٿي، سنڌ جو وڏو وزير به مڃي رهيو آهي ته اتي غلط ڪيو ويو آهي، ائين ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ بدران الٽو سياست ڪئي پئي وڃي، اتي هڪ نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت آهي، توهان نتيجن جي پرواهه ڪري رهيا آهيو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ ويٺل آهيون ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙي پارٽي جنهن قائداعظم جي نالي تي پنهنجو نالو رکيو آهي، ان جي اڳواڻ جي ناٺي قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي ڪئي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪيو جنهن کي پيپلزپارٽي جو وزير اعليٰ به مڃي رهيو آهي ته غلط ڪيو آهي جنهن تي ان جي خلاف ڪيس ٺ??ي ٿو، جرم تي ڌيا?? بدران ۽ اهو ڏسڻ بدران ته ان کي ڪهڙِي سزا ملڻ گهرجي ته ان اهڙو رويو اختيار ڪيو ۽ هُل هنگامو ڪيو، الٽو م??ال?? ڌر سياست ڪري رهي آهي.