اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته لاهور موٽروي تي پيش ايند?? واقعو پوري قوم جي لاءِ ??دنما داغ آهي، ان واقعي جا اسان جي ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته لاهور جي واقعي تي بحث ٿئي ڇو ته اهو واقعو پوري قوم جي لاءِ ??دنما داغ آهي ۽ ان جا ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. عالمن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تحفظ جي لاءِ ??ڳتي اچڻ گهرجي. اسان جون به ٻارڙيون، مائرون ۽ ڀينرون آهن، هن مسئلي تي بحث ڪري ڪوتاهيون ختم ڪرڻ گهرجن. سيد نويد قمر چيو ته لاهور جي واقعي تي اسان التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي. اسان به چاهيون ٿا ته ان تي تفصيلي بحث ڪرايو وڃي. ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر بڻجي نه پر پاڪستان جو شهري بڻجي پنهنجي راءِ ڏين. جت?? جت?? ڪوتاهي آهي اها ختم ڪرڻ جي لاءِ ??جويزون سامهون آنديون وڃن.