ڪوئيٽا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ بلوچستا?? صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن، بحالي جي قدمن، صوبي ۾ ڪورونا وبا جي صورتح??ل ۽ ازالي جي حوالي سان قدمن ۽ بلوچستان ۾ جاري ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان قدمن جو جائزي اجلاس جمعي ڏينهن هتي منعقد ٿيو، ??فاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي جو ڊپ??ي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، صوبائي وزير، اين ڊي ايم اين اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، بلوچستان جو چيف سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب بلوچستان جي چيف سيڪريٽري صوبي جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن جي صورتحال، جاني ۽ مالي نقصانن، انفراسٽرڪچر جي بحالي، عوام جي طبي سهولتن، راشن جي فراهمي ۽ رليف سرگرمين جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني.