اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد ا??ضل چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان اسپتالن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته مستقبل ۾ به صوبي ۾ صحت ج?? شعبي جي ضرورت?? کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمورن ممڪن وسيل?? کي استعمال ۾ آڻي رهيا ??هيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ فاطمه جناح چيسٽ اينڊ جنرل اسپتال ۽ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ڪوئيٽا جي دو??ي کانپوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل محمد ا??ضل چيو ته حڪومت ج?? وقت سر قدمن سان ڪورونا جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز، طبي عملو ۽ لاڳاپيل ادارن جا اهلڪار ڪورونا ۾ فرنٽ لائين سولجر جو ڪردار بهتر انداز ۾ ادا ڪري رهيا ??هن جن تي اسان سڀني کي فخر آهي.