اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي 7137 ارب رپيا ڪاٿي واري ٽيڪس فري وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اين ايف سي ايوارڊ تحت 2874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو، سماجي تحفظ جو پروگرام 187 ارب مان وڌائي 205 ارب رپيا ڪيو ويو، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سبسڊي جي ل??ءِ 179 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اوڳاڙين جو هدف 6573 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي ل??ءِ 650 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7 سي??ڙو رهڻ جو امڪان آهي، سيلز ٽيڪس جي شرح 14 سي??ڙو کان گهٽ ڪري 12 سي??ڙو ڪئي وئي، سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 2 رپيا گهٽ ڪري 1 رپيو 75 پئسا ڪئي وئي، پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائيل فونز تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، درآمدات تي انڪم ٽيڪس جي شرح کي خام مال تي 5.5 سي??ڙو کان گهٽ ڪري 2 سي??ڙو ۽ مشينري تي ٽيڪس 5.5 سي??ڙو مان گهٽ ڪري هڪ سي??ڙو ڪيو ويو آهي، گهٽ ۾ گهٽ پگهار 15 هزار مان وڌائي 25 هزار ڪئي وئي، موٽرسائيڪل رڪشا ۽ 200 سي سي تائين موٽرسائيڪل تي ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪيو ويو، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ اهڙ?? ماڻهو جيڪي اسڪول جي ساليانو فيس 2 لک رپين کان وڌيڪ ادا ڪن ٿا، ان کان سئو سي??ڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، ڊبل ڪيبن پڪ اپ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي، انرجي ڊرنڪس تي ايف اي ڊي 13 سي??ڙو مان وڌائي 25 سيڪڙو، درآمدي سگريٽس، ٻيڙيءَ، سگار ۽ تماڪو جي ٻين شين تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 65 سي??ڙو مان وڌائي 100 سي??ڙو ڪئي وئي آهي، ڪوويڊ 19 بابت صحت جي ساز و سامان جي درآمد تي جاري ڇوٽ ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڏني وئي آهي، ايندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي 0.4 س????ڙو مان وڌائي 2.1 سي??ڙو تي آندو ويندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 4.4 س????ڙو تائين محدود رکيو ويندو، ناڻي واڌ جي شرح 9.1 سي??ڙو کان گهٽ ڪري 6.5 سي??ڙو تائين آندي ويندي، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 25 سي??ڙو تائين جو اضافو ڪيو ويندو. وفاقي وزير حماد اظهر ڪجهه ترميمن سان گڏ مالي بل 2020ع غور هيٺ آڻڻ جي ل??ءِ پيش ڪيو جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران ترميمون پيش ڪيون ويون ۽ انهن مان ڪجهه ترميمون منظور ڪري ان کي مالي بل جو حصو بڻايو ويو. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي انگن اکرن موجب ڪل روينيو ڪاٿو 6573 ارب رپيا آهي جنهن ۾ ايف بي آر روينيو 4963 ارب رپيا ۽ نان ٽيڪس روينيو 1610 ارب رپيا شامل آهي. اين ايف سي ايوارڊز تحت 2874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو. نيٽ وفاقي روينيو جو ڪاٿو 3700 ارب رپيا آهي. ڪل وفاقي خرچن جو ڪاٿو7137 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح بجيٽ خسارو 3437 ارب رپين تائين رهڻ جي اميد آهي جيڪو جي ڊي پي جو 7 سي??ڙو بڻجي ٿو ۽ پرائمري بيلنس 0.5 سي??ڙو هوندو. غريبن جي احساس پروگرام جي بجيٽ وڌائي 208 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن کي مختلف قسم جون سبسڊيز ڏيڻ جي ل??ءِ 179 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي. ايڇ اي سي جي بجيٽ وڌائي 64 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. گهٽ قيمت تي گهر فراهم ڪرڻ ل??ءِ نئون پاڪستان هائوس??گ اٿارٽي کي 30 ارب رپيا فراهم ڪيا آهن. اخوت فائونڊيشن جي قرضه حسنه اسڪيم ذريعي گهٽ لاڳت وارن رهائشي گهرن جي تعمير جي ل??ءِ ڏيڍ ارب رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ خصوصي علائقن آزاد ڪشمير جي ل??ءِ 55 ارب رپيا ۽ گلگت بلتستان جي ل??ءِ 32 ارب رپيا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ل??ءِ 56 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان کانسو??ءِ سنڌ کي 19 ارب رپيا ۽ بلوچستان کي 10 ارب رپين جي خصوصي گرانٽ انهن جي اين ايف سي حصي کان وڌيڪ ڏني وئي آهي.