لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مڪڙن جي خاتمي ل??ءِ پنجاب حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي ۽ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته مڪڙن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن آبا??گا??ن جي قيمتي فصلن کي ان قدرتي آفت کان تحفظ فراهم ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب ۾ مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سطحي بريفنگ دوران ڪيو. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جن??ل مڪڙن جي حملي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ مڪڙن جي حملي کي جديد مشينري جي استعمال ۽ ٺوس حڪمت عملي سان وڏي حد تائين روڪيو ويو آهي.