اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا??يڪ??ن ڪميشن کي سمورن شعبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ووٽ وجهڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جي هد??يت ڪئي آهي. اها هد??يت هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ وجهڻ، بايوميٽرڪ تصديق ۽ ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ نظام بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سوات??، انفارميشن ٽيڪنالاج?? ۽ ??يلي ڪميونيڪشن واري سيڪريٽري شعيب احمد صديق??، ا??يڪ??ن ڪميشن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذّير ۽ صدر جي سيڪريٽري طارق نجيب نجمي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ا??يڪ??ن ڪميشن جي سيڪريٽري اختر نذير بريفنگ ڏني.