اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڇنڇر کان لاڪ ڊائون کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان جي ڪري عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ۾ آهي ۽ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروباري طبقي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن، پورهيتن، دڪاندارن، رڪشي ۽ ??يڪ??ي ڊرائيورن سميت هيٺئين درجي جي طبقي کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو ??هي?? عوام ايس او پيز جي سختي سان پاڻمرادو پابندي ڪري، پوليس ذريعي ڇاپا هاڻي اهو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهجي، پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ تي صوبن جا خدشا آهن، انهن کانسواءِ في??لا نه ٿا ڪرڻ چاهيون، صوبن سان مشاورت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيند?? ڪيو. وزيراعظم چيو ته 26 في??روري تي ڪورونا جو پهريون ڪيس سامهون آيو، 13 مارچ تي جڏهن ملڪ ۾ رڳو 26 ڪيس هئا ته حڪ??مت لاڪ ڊائون جو في??لو ڪيو ۽ تڏهن کان اڄ تائين حڪ??مت مختلف قسم جي ميڙن ۽ عوامي ميڙ وارين جاين کي بند ڪيو آهي. هن چيو ته اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو ۽ تمام جلدي هڪ کان ٻئي ماڻهو کي منتقل ٿئي ٿو، ان لاءِ ان جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جو ذريعو سماجي فاصلو ئي آهي.