اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ پنجاب جي آءِ جي کي ذخيره اندوزن، ناجائز منافعي خورن ج?? نشاندهي ۽ انهن کي سزائون ڏيڻ جي حوالي سان قدمن ج?? هدايت ڪئي ??هي، هن مشڪل صورتحال ۾ جيڪي ماڻهو ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن انهن کي بي نقاب ڪيو و??ند??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڊيره غازي خان ج?? سينٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران مان آيل زائرين ج?? لاءِ قرنطينه ۾ ڪيل انتظامن ج?? جائزو ورتو.