برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي گڏي?? عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي وزير المازروئل سهيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن ۽ امڪانن جو جائزو ورتو. هنن پاڪستان ۽ گڏي?? عرب امارات جي لاڳاپن خا?? طور تي قابل تجديد توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير موسمياتي ڊپلوميسي ۾ گڏي?? عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته يو اي اي جي ميزباني ۾ ڪوپ – 28 عالمي ڌيان صاف توانائي جي هڪ آپشن جي طور تي نيوڪيلئر انرجي طرف ڇڪرايو. هن ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خا?? طور تي ائٽمي ري اييڪٽر آپريشنز، حفاظت ۽ ريگيوليٽري انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي تياري جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان – گڏي?? عرب امارات جامع اقتصادي حصيداري جي معاهدي (سي اي پي اي) جي نتيجي ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ج?? تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. گڏي?? عرب امارات جي وزير پاڪستان جي پنهنجي دورن ۽ پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏي?? عرب امارات پاڪستان جي ترقي ۾ حصيدار رهندو.