اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو عهدو ڇڏيندڙ اس??يڪ?? راجا پرويز اشرف چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کي خلوص نيت سان عوام جي اجتماعي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ نئين اس??يڪ?? جي چونڊ ج?? موقعي تي پنهنجي الوداعي خطاب ۾ هن چي?? ته ايوان جو 22 هون اس??يڪ?? بڻجڻ هن لاءِ ا??زاز جي ڳالهه آهي. هن چي?? ته نون چونڊيل ميمبرن کي ديانتداري ۽ خلوص نيت سان عوام جي اجتماعي مسئلن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ تي پنهنجي تاريخي خطاب ۾ هن ايوان کي مڪمل اختيارن جو مالڪ ۽ بهترين ادارو قرار ڏنو هو. هي اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان گڏيل تعاون ذريعي مسئلن جو حل تلاش ڪريون. هن چوڻ ه?? ته هي ايوان عوام جي اجتماعي شعور جو ادارو آهي، عوام جون نظرون اسان سڀني تي آهن، اسان کي پنهنجي طرز عمل سان ملڪ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، محمد نواز شريف، ميان شهباز شريف ۽ ٻين پارلياماني پارٽين جو ٿورو مڃيو. هن نئين چونڊيل اس??يڪ?? کي مبارڪون ڏنيون ۽ چي?? ته ٽيون ڀيرو اس??يڪ?? بڻجڻ سندس قائداڻي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار آهي. هن نئين اس??يڪ?? لاءِ پنهنجي نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو.