اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ??طلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي جي ايوان جي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ ?? ان جي دلچسپي کي ساراهيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته سڀاڻي وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي آهي جنهن کانپوءِ ڪميٽين جي نئين جوڙجڪ ٿيندي، ان لاءِ سوالن جوابن جي وقفي کي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪيو وڃي. ان موقعي تي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي چيو ته توهان پنهنجي وزارت جي عرصي دوران ايوان جي ڪارروائ?? ۾ ??رپور حصو ورتو جنهن تي توهان جا ٿورائتا آهيون.