اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? چيو آهي ته اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو ??ان محفوظ هجي، پاڪستان حڪومت روٽري ا??ٽر??يشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? سان روٽري ا??ٽر??يشنل جي صدر اسٽيفيني ارچڪ جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ٿومس اينٿوني گمپ، محمد فيض قدوائي، عبدالعزيز ميمڻ ۽ مسرور شيخ شامل هئا. وفد نگران وزيراعظم کي پاڪستان سمارٽ وليج پروگرام ۽ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان روٽري ا??ٽر??يشنل جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. نگران وزيراعظم اسٽيفيني ارچڪ کي روٽري ا??ٽر??يشنل جي پهرين عورت صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم روٽري ا??ٽر??يشنل جي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي، تعليم ۽ ٻين شعبن جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ترقياتي ادارن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو ??ان محفوظ هجي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت روٽري ا??ٽر??يشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، اميد آهي ته روٽري ا??ٽر??يشنل پاڪستان ۾ پنهنجي پروگرامز جي پهچ ۾ اضافو ڪندي. وفد نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته روٽري پاڪستان سمارٽ وليج پروگرام جدت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، غريب ترين طبقي جي لاءِ شروع ڪيل اهي سمارٽ ويليج زراعت کي فروغ ڏيڻ، قابل تجديد توانائي جي نظام مان فائدو کڻڻ، پاڻي جي نيڪالي جي انتظام کي بهتر بڻائڻ، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روٽري ا??ٽر??يشنل پاڪستان ۾ 8 لک ڪتاب عطيو ??ري چڪو آه?? جنهن مان 2 لک ڪتاب رڳو بل??چس??ان صوبي ۾ ورهايا ويا آهن. وفد نگران وزيراعظم کي 10 هزار وڌيڪ ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ورهايا ويندا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ روٽري ا??ٽر??يشنل جون موبائيل لائبريريز ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۽ خواندگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملاقات ۾ قومي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.