اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل پريس ب??ان جي آج??ان ڪندي چيو آهي ته نگرا?? پرڏيهي جليل عباس جيلاني پنهنجي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سفارتي تاريخ ۾ تيزي سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ نگرا?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڏانهن وڃي ٿو، نگرا?? پرڏيهي وزير وڏي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي حوالي سا?? پرڏيهي معاملن واري وزارت جي پريس ريل??ز پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي 26 جنوري 2024ع تائين پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپسي تي اتفاق ٿيو آهي. ب??ان موجب نگرا?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله??ان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دو??و ڪندو.