اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين اعتراف ڪيو آهي ته ”دي اڪانومسٽ“ ۾ شايع ٿيندڙ مضمون هن ناهي لکيو، اهو مضمون مصنوعي ذهانت (اي آئي) سا?? تيار ڪيو ويو هو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير چيو ت?? موجوده پي ٽي آءِ چيئرمين ان مضمون جي رياست مخالف ۽ آمريڪا مخالف مواد جي توثيق ناهي ڪئي، سمنڊ پار پي ٽي آءِ ڪجهه اڌاکري اينڪرز ۽ دي اڪانومسٽ (اي آئي) جي هڪ فريب ڪاري تي دُهل وڄائي رهيا آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل خبر جو لنڪ به شيئر ڪيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کان سومر ڏينهن اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۽ توشه خ??نه ريفرنس جي جيل اندر ڪارروائي جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو ويو آهي. خبر موجب پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين صحافين سا?? ڳالهه ٻولهه دوران انڪشاف ڪيو ت?? سندس نالي سا?? منسوب دي اڪانومسٽ ۾ شايع ٿيندڙ آرٽيڪل اصل ۾ مصنوعي ذهانت آئي اي سا?? تيار ڪيل آهي.