اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي منتظر آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل پنهنجو واعدو پورو ڪري، پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪ??ميابي تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??اي?? جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ خودمختياري جي حق جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄ جي ئي ڏينهن قرارداد جي ذريعي ڪ??ميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته اها پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. اڄ ڪشميري عوام سان ڪيل ان واعدي کي 75 سال گ??ري ويا پر افسوس جو اهو واعدو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته گڏيل قومن کي ڪ??ميري عوام سان ڪيل واعدي جو احترام ڪندي انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي ح??اي?? ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل پنهنجو واعدو پورو ڪري. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگرانو فاقي وزير چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڪراري علائقي جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جو ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ان رخ ۾ تازه ترين قدم آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حدبندي مذهب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪ??ميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??اي?? جاري رکندو.