اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان جو وجود سمورين اقليتن جي حقن جو ??امن آهي، پاڪستان جيترو مضبوط ٿيندو ايترو ئي ڀارت جي اندر مظلومن جو ??واز مضبوط ٿيندو، نريندر مودي ڪڏهن به مظلومن سان گڏ نه بيٺو، ڀارت ۾ اڪثريت جي نالي تي ننڍڙي اقليت جو هڪ پرتشدد راڄ لاڳو آهي جتي مذهبي اقليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ جو پردو فاش ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن فرينڊز آف ڪشمير انٽرنيشنل ۽ ڪشمير ميڊيا سروس جي اهتمام هيٺ ”ڀارت ۾ اقليتن ۽ ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سدائين ڪشمير ڪاز جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي آهي ۽ اها والاريل ڪشمير جي آزادي تائين جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جتي به اقليتن سان ڪڏهن ڪو واقعو پيش آيو ته ان وقت نه رڳو اسان جو معاشرو پر سياسي پارٽيون ۽ حڪومت مظلومن سان گڏ بيٺيون، جڙانوالا جي افسوسناڪ واقعي جي فوري پوءِ نگران وزيراعظم پاڻ اتي ويو، اقليتن جي نقصانن جي تلافي ڪئي، هي اهو فرق آهي جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجود آهي، جڏهن ڀارت ۾ مذهبي اقليتن تي ظلم ڪيا وڃن ٿا ته اهڙو ردعمل تي نظر نه ٿو اچي. هن چيو ته جڏهن کان بي جي پي جي حڪومت آئي آهي، ان وقت کان اها شيءَ ڀارت ۾ ڏسڻ جي لاءِ ناهي ملي، جيڪڏهن مني پور، گجرات يا ڪشمير ۾ اقليتن سان ڪو واقعو يا سانحو رونما ٿئي ٿو ته نريندر مودي اتي مظلومن سان گڏ ڪڏهن به ناهي بيٺو. هن چيو ته يو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائيٽس واچ، ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس، رپورٽرز ود آئوٽ بارڊر جهڙن عالمي ادارن پنهنجي رپورٽس ۾ ڀارت کي نام نهاد اڪثريتي رياست ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اڪثريت جي نالي تي ننڍڙي اقليت جو هڪ پرتشدد راڄ نافذ آهي. ڀارت جو ??هو رويو تمام پراڻو آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهو وڌيڪ سخت ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته ڪا پرتشدد رياست وڌيڪ دير تائين قائم نٿي رهي سگهي، هڪ وقت ضرور ايندو جڏهن ان کي پرتشدد ڪارروايون ختم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته پاڪستان انساني حقن خاص طور تي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ ڪشميري عوام جي انساني حقن، خودمختياري جي حق ۽ انهن جي سفارتي ۽ سياسي مدد گذريل 75 سالن کان جاري رکي آهي ۽ والاريل ڪشمير جي آزادي تائين جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان جيترو مضبوط ٿيندو ايترو ئي ڀارت جي اندر مظلومن جو ??واز مضبوط ٿيندو تنهن ڪري پاڪستان جو معاشي ۽ سياسي استحڪام حقيقت ۾ هڪ ضمانت آهي، مظلوم ڪشميري عوام جي مدد جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجو ??هو ڪردار جاري رکڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي ميڊيا اصل حقيقتون ۽ انگ اکر دنيا آڏو پيش ڪري رهي آهي، اسان کي ڀارتي رياست وانگر سينسرشپ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته ڀارت اسان جي ڪيترن ئي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي هڻي رکي آهي جن ۾ ريڊيو پاڪستان به شامل آهي. هن چيو ته ڀارتي رياست انهن عالمي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي دٻاءُ وجهي حقيقتن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. فلسطيني عوام جو ??ڪر ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلسطيني عوام تي ظلمن جي باوجود اڄ به فلسطين جي آزادي جي روح کي شڪست نه ڏئي سگهجي، فلسطينين جي حمايت ۾ پوري دنيا مان آواز بلند ٿيو آهي. هن چيو ته ج??ڙي طرح ڀارت جي اندر مظلومن خاص طور تي ڪشميرين جو ??واز بلند ڪيو پيو وڃي، ا??ڙي طرح فلسطينين جي حقن جي لاءِ پڻ آواز مضبوط ٿيو آهي ۽ اهو ضرور رنگ لائيندو.