اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي سنگين صورتحا?? تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي مسلسل ۽ انڌاڌنڌ بمباري، ??زه جو غيرانساني گهيراءُ ۽ شهري هدف بشمول پناهگير ڪئمپن، اسپتالن ۽ رهائشي عمارتن تي ڄاڻي واڻي حمل?? هڪ ناقابل قبول انساني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته گذريل 3 هفتن کان فلسطينين جو قتل عام جاري آهي جنهن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ شهري مارجي چڪا آهن جن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن، اهي جنگي ڏوهه اسرائيلي قابض فو?? مڪمل ڇوٽ سان ڪري رهي آهي ڇو ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مسلسل ناڪام رهي آهي. هن چ??و ته گذريل ڏينهن سينيٽ آف پاڪستان پاڪستاني عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي ۽ والاريل ??زه ۾ ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي انسانيت سوز ڏوهن جي شديد مذمت ڪئي. سينيٽ فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چ??و ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها والاريل فلسطين ۾ ظلمن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي گذريل هفتي جي قرارداد فلسطين جي صورتحا?? تي وڌندڙ عالمي اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چ??و ته اسان اميد ڪريون ٿا ته اها ??زه ۾ قتل عام جي جلد خاتمي جو سبب بڻجندي. هن چ??و ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي امن قائم ڪرڻ جي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن کي ??زه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ، شهرين جي حفاظت ۽ ??زه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا رڪاوٽ امدادي سامان جي فراهمي جي لاءِ انساني همدرديءَ جي لنگهن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.