اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سو??يڊن ٻطرفي تعاون جي رفتار تي اعتماد جو اظهار ڪندي ايندڙ سال پاڪستان ۽ سو??يڊن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ، ٻطرفين ڳالهين، گڏيل رابطن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ سو??يڊن جي ٻطرفي سياسي م??اورت جو 17 هون دور اسٽاڪ هوم ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ)، سفير شفقت علي خان پاڪستاني وفد جڏهن ته سو??يڊن پاران ڊائريڪٽر جنرل ۽ گلوبل ڊپارتمينٽ جي سربراهه ڊيگ جوهلن ڊينفيلٽ ۽ وقتي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ فار ايشيا اينڊ پيسفڪ آسڪر سلائيٽ گڏيل قيادت ڪئي. سو??يڊن جي پرڏيهي وزارت سفير شفقت خان پرڏيهي م??املن بابت سيڪريٽري جان ناٽسن سان پڻ ملاقات ڪئي. ڌرين سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ تعليم سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن جو جائزو ورتو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري يورپي يونين جي صدارت جو مدو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي سو??يڊن کي م??ارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي، سسٽين ايبل ٽيڪنالاجيز، و??سٽ مئنيجمينٽ، آئي سي ٽي ۽ آر اينڊ ڊي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ سو??يڊش ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار جي ل??ءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪئي ۽ سو??يڊن جي عملدارن مضبوط اقتصادي ۽ سياسي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سفير شفقت علي خان سو??يڊن کي افغانستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. سو??يڊن پاڪستان کي يورپي يونين جي صدارت، نورڊڪ ريجن ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي ل??ءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تعاون جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن ٻطرفي لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ جي ل??ءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪستان سو??يڊن ٻطرفي سياسي م??اورت جو ايندڙ دور اسلام آباد ۾ ٿيندو.