اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي ?? سياحت جي فروغ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري ڪاروباري شخصيت ۽ پاڪستان سروس لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مرتضيٰ هاشواڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي ڪاروباري ??گه?? کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻڻ تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. مرتضيٰ هاشواڻي نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻ جي ڪامياب ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي ملڪ جي ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪاروباري حصيداري جي تجويز پيش ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي ?? سياحت جي تمام گهڻي ??گه?? موجود آهي. پاڪستاني ڪاروباري برادري ۽ چيني تعاون جي ذريعي خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي جي سياحت جي شعبي ۾ خاطرخواهه ڪم ڪري سگهجي ٿو. ملڪ ?? سياحتي ماڳن تي موجود سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي.