اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ۽ اليڪسن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، ??طل??عات ۽ نشريات واري وزارت خيبرپختونخواهه جي عوامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اها ڳالهه هن خيبرپختونخواهه جي ا??لاعات واري نگران وزير بئريسٽر فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندر چونڊن، وفاقي ۽ صوبائي ا??ارن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، صحافين جي ڀلائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي انفارميشن آفيسرن کي انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت ڏيڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملازمن ۽ آفيسرن کي جديد ميڊيا جي ا??تعمال ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن بابت تربيت جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ??طل??عات واري وزارت جو دائرو جديد دور ۾ وسيع ٿي چڪو آهي، مقابلي جي هن دور ۾ اسان کي جديد انفارميشن سسٽم تي مڪمل پُهچ حاصل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ??طل??عات واري وزارت خيبرپختونخواهه جي عوامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چوندن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ به اسان جي گڏيل ذميواري آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ جرنلسٽ ويلفيئر انڊوومنٽ فنڊ رولز اهميت رکن ٿا، صحافي مشڪل حالتن ۾ فرض سرانجام ڏين ٿا، انهن جي ڀلائي لاءِ قدم لازمي آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي ا??لاعات واري نگران صوبائي وزير فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل چيو ته خيبرپختونخواهه جي نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي ا??تعمال جي حوالي سان تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي، خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن بڻائينداسين. فيروز جمال شاهه چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي. ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير خيبرپختونخواهه جي ا??لاعات واري کاتي کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.