نانجنگ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولن??ي ڪالهه سومر ڏينهن چين جي شهر نانجنگ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اهتمام هي?? ٽيليويزن فيسٽيول 2023ع ۾ شرڪت ڪئي. فيسٽيول جي موقعي تي اطلاعات واري نگر??ن وفاقي وزير سان چين جي نيشنل ريڊيو ۽ ٽيليويزن واري وزير ثائو شومي ملاقات ڪئي. اطلاعات واري نگر??ن وفاقي وزير ٽيليويزن فيسٽيول منعقد ڪرڻ تي چيني وزير جا ٿ??را مڃيا. ٻنهي وزيرن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي صنعت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميديا ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ صحافين جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو. اطلاعات واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي تي Chinese Hour شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ چيني ميڊيا جي پاڪستان ۾ سرگرمين کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو.