نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت تيزي سان معاشي بحالي جي لاءِ پرعزم آهي، اسان پنهنجي پرڏيهي جي ذخيرن ۽ پنهنجي ڪرنسي ک?? مستحڪم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪي آمدني ک?? وڌائيندي ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻيندي، ان سلسلي ۾ هڪ ??صو??ي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي جنهن تحت زراعت، کاڻين جي ک??ٽائي، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت 28 شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن ۾ ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان منصوبا شروع ڪيا ??يندا. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڊگهي مدي واري جاگرافيائي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ريلوي، بنيادي ڍانچي ۽ مينوفيڪچرنگ جي منصوبن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيا س??ن ڪنيڪٽيويٽي منصوبو جلد شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.