اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب هن ??ها هدايت واپار واري وزارت پ??ران ڏيندڙ بري??نگ دوران ڪئي. نگران وزيراعظم کي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ مختلف تجويز ڪيل حڪمت عملين بابت آگاهه ڪيو ويو. بري??نگ ۾ واپار واري وزارت پ??ر??ن ملڪ ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ امڪاني حڪمت عمليون پيش ڪيون ويون. واپاري سامان جي بهتر اسڪيننگ ۽ معائني جي صلاحيت بهت?? بڻائڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. بري??نگ ۾ افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ تحت ٿيندڙ واپار جي مختلف رخن جو به جائزو ورتو ويو. ملڪ ۾ اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ۽ قانوني رستن تان واپار جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم بحث هيٺ آيا. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.