اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگر??م شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون، ان جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل ڏي??هن منهنجي لاءِ انتهائي اطمينان جو ڏي??هن هو. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر (پي ڪي ايل آئي) جنهن جو تصور 2015ع ۾ پاڪستان جي جان هاپڪنز (آمريڪي اداري) طور ڪيو ويو هو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو. مون پي ڪي ايل آئي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ته جيئن پي ڪي ايل آئي جي مدد سان علم جي تخليق، تحقيق جي مرڪز طور تي ڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ هڪ جامع ملڪ گير پروگرام پڻ گذريل ڏي??هن ٻيهر شروع ڪيو ويو جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي، اها رقم غريبن جي مفت علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. هن ڊاڪٽر سعيد اختر، ڊاڪٽر فيصل ڊار ۽ پي ڪي ايل آئي جي ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ عملي سان گ??وگڏ حڪومتي عهديدارن کي انهن جي عظيم قومي خدمتن تي ساراهيو. هن چيو ته اسان گ??جي پي ڪي ايل آئي کي قوم جو فخر بڻائينداسين.