اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته معذور ماڻهن کي معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ 10 کان 12 سيڪڙو اهڙا ماڻهو معذوري جو شڪار آهن، ذهني معذوري کان علاوه ٻڌڻ جي سگهه، ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم، جسماني معذوري جو شڪار ٻارن جي داخلا عام اسڪولن ۾ ٿيڻ گهرجي، جنهن جو قانوني طور ڪو به انڪار نٿو ڪ??ي سگهي، اهڙن ماڻهن لاءِ س??ڪا??ي ۽ غيرس??ڪا??ي ملازمتن ۾ مو??عا فراهم ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونسازي ڪئي وئي آهي، ته جيئن اهڙا ماڻهو خودڪفيل ٿي سگهن. اهڙو اظهار صدر مملڪت عارف علوي معذور ۽ خصوص?? ماڻهن جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو. صدر مملڪت چيو ته هڪ محتاط اندازي مطابق پاڪستان ۾ تقريبن 10 کان 12 سيڪڙو ماڻهو معذوري جو شڪار آهن. حڪومتي سطح تي طئي ڪيو ويو آهي ته ذهني معذوري کان علاوه معذوري جو شڪار ٻارن کي داخلا عام اسڪولن ۾ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته خصوص?? ماڻهن ۾ چئن قسمن جون معذوريون هونديون آهن، جن ۾ ٻڌڻ جي سگهه، ڳالهائڻ جي سگهه ۽ جسماني معذوري شامل آهن. هن چيو ته قانوني لحاظ کان ذهني معذوري کان علاوه ٻين معذورن جو شڪار ٻارن جي داخلا عام اسڪولن ۾ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪو به ان کان انڪار نه ٿو ڪ??ي سگهي. صدر مملڪت چيو ته اها ڳالهه انتهائي ضروري آهي ته اهڙن ٻارن لاءِ ڌار اسڪولن بدران عام اسڪولن م داخل ٿين. ان کان علاوه ملازمتن جي لحاظ کان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونسازي ڪئي وئي آهي. جنهن تحت ضروري آهي ته س??ڪا??ي ۽ غير س??ڪا??ي ادارن ۾ 3 کان 5 سيڪڙو روزگار جا مو??عا معذور ماڻهن کي فراهم ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کين اهڙيون ملازمتون فراهم ڪرڻ گهرجن جن سان انهن جي مهارتن کي بهتر ڪ??ي سگهجي ۽ ان حوالي سان نيشنل ووڪيشنمل ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) ۽ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) معذور ماڻهن لاءِ تربيت جا بندوبست ڪري رهيا آهن، ان ڳالهه لاءِ ڪوشان آهن ته 140 شعبن ۾ انهن جي مهارتن کي نکا??ي سگهجي ته جيئن اهي روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. هن چيو ته ان حوالي سان روزگار فراهم ڪندڙ ادارن لاءِ پڻ طريقيڪار جوڙيو ويو آهي ته جيئن ان ڳالهه جو تعين ٿي سگهي ته ڪهڙي قسم جو روزگار فراهم ڪيو ويندو. صدر مملڪت چيو ته يونيورسٽين ۾ مفت تعليم، صحت جي سهولتن جي فراهمي، ڪرائين ۾ رعائت جي سهولت پڻ فراهم ڪري رهي آهي. صدر مملڪت چيو ته انهن سهولتن لاءِ معذوري جو شڪار ماڻهن کي نادرا کان سرٽيفڪيٽ ۽ شناختي ڪارڊ جي حاصلات لازمي آهي. نادرا 9 کان 18 سالن جي عمر تائين هڪ سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ٿي جنهن ۾ وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته سرٽيفڪيٽ رکندڙ شخص ڪيتري حد تائين معذوري ۽ ڪهڙي معذوري جو شڪار آهي. 18 سالن جي عمر کان پوءِ مستقل شناختي ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو. صدر مملڪت چيو ته هن عمل کان پوءِ خصوص?? ماڻهن لاءِ روزگار ۽ بئنڪن مان قرضن جي حاصلات پبلڪ سيڪٽر ۾ سهولتن جي فراهمي جا رستا کلندا. صدر مملڪت ڪاروبار?? ماڻهن کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته اهي قانون تي عمل پيرا ٿيندي معذوري جي شڪار ماڻهن لاءِ روزگار جا مو??عا پيدا ڪن، عوام?? ماحول ۾ انهن جي آجيان ڪندي کين سهولتون فراهم ڪن. عمارتن ۽ روڊن تي خصوص?? ماڻهن لاءِ رم بڻايا وڃن ته جيئن معاشري جي اهم ماڻهو طور خود ڪفيل ٿي سگهن.