لاهور – 28 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير جي ??رب??اهي ۾ قومي ايئرلائين جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي عيد کانپوءِ پي آءِ اي جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي جڏهن ته وزي??اع??م چيو آهي ته گذريل حڪومت جي نااهلي جي ڪري قومي ايئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو ۽ ان جي نااهل وزيرن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو، قومي ايئرلائين کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزيرخواجه سع?? رفيق وزي??اع??م کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ تجويز ڪيل روڊ ميپ ۽ سڌارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته قومي ايئرلائين کي ??وج??ده بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٻيڙي ۾ جهازن جو انگ 27 کان وڌائي 49 ڪرڻو پوندو. وزي??اع??م ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير جي پي آءِ اي بابت ڪوششن کي ساراهيو. وزي??اع??م اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته قومي ايئرلائين خساري مان نڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزي??اع??م چيو ته گذريل حڪومت جي غيرذميواراڻي بيانن جي ڪري قومي ايئرلائين يورپ ۽ آمريڪا جا فضائي رستا وڃائي ڇڏيا، گذريل حڪومت جي ان نااهلي جي ڪري قومي ايئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، گذريل حڪومت جي نااهل وزيرن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو. هن چيو ته پي آءِ اي انهي صورت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو ته ان کي نج منافعي ۽ نقصان جي بنياد تي پيشيور انتظامي ماهر هلائين، قومي ايئرلائين کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. هن چيو ته حڪومت اهڙو پاليسي نظام کڻي اچڻ طرف قد?? وڌائي رهي آهي جتي حڪومت جو ڪم رڳو پاليسي فيصلا ۽ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن ۽ ڪمپنين کي سهولت فراهم ڪرڻ هوندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه سع?? رفيق، اعظم نذير تارڙ، وزي??اع??م جي صلاحڪار احد خان چيما ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وزير سيد نويد قمر، محمد اسحاق ڊار، احسن اقبال، خاص معاون محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزي??اع??م پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جي ميمبرن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سع?? رفيق، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، خاص معاون جهانزيب خان ۽ ايوي ايشن جو سيڪريٽري شامل هوندا. اها ڪميٽي اسحاق ڊار جي ??رب??اهي ۾ پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ بحالي جي حوالي سان مختلف آپشنز جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان پنهنجون سفارشون عيد کانپوءِ ڪابينا ۾ پيش ڪندي.