اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور 26 جون 2023ع تي آستانا، قزاخستان ۾ ٿيندو. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان م??تا?? زهره بلوچ پريس ??ريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻطرفي سياسي مشاورت ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ ا??له?? ايشيا) سيد احسن رضا شاهه ڪندو. جڏهن ته قزاخستان پاران پرڏيهي معاملن وارو نائب وزير ڪنات تميسٽ جي قيادت ڪندو. ڌريون ڳالهه ٻ??له?? ۾ سياسي، واپاري، اقتصادي رابطن، سياسي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس 28 فيبروري 2020ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو هو.