اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ تي بحث ڪالهه به جاري رهي. ان دوران ميمبرن گذريل حڪومت جي معاشي تباهه ڪارين باوجود متوازن ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي معاشي ٽيم کي مبارڪباد ڏني. بجيٽ ۾ آبادگارن، پورهيتن ۽ سرڪاري ملازمن کي رليف ڏنو وي وآهي جنهن سان انهن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. بجيٽ ۾ زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، ان شعبي تي ڌيان ڏئي اسان بحرانن مان نڪري سگهون ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي ??جٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر انجنيئر صابر حسين قائمخاني آئين جي ??والو ڏيندي ٻُڌايو ته ملڪ جي هر شهريءَ کي هڪجهڙا حق ۽ آزادي حاصل آهي، اسان جي ??ياسي اڳواڻن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو ويو، 9 مئي جي واقعن بعد به سزا نه ڏني وئي. هن چيو ته عوامي مسئلا ساڳيا برقرار آهن، اسان حڪومت جا اتحادي آهيون پر اسان انارڪي نٿا چاهيون ۽ نٿا چاهيون ته ملڪ کي نقصان ٿئي. هن چيو ته بجيٽ بڻائڻ وقت اسان کان راءِ نه گُهري وئي، بجيٽ جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ طريقيڪار واض?? نه آهي. 1100 ارب کان وڌيڪ جي ??رقياتي بجيٽ ۾ ٽيڪس حاصل ڪرڻ وارن شهرن لاءِ وڌيڪ منصوبا رکڻ جي ??رورت هئي، جن شهرن مان اسان 92 کرب ٽيڪس حاصل ڪري رهيا آهيون ان لاءِ بجيٽ ۾ 50 ارب رپين رکيا پيا وڃن. هن چيو ته مهانگائيءَ جو هدف 21 سيڪڙو ٻُڌايو پيو وڃي پر حقيقي شرح ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. دفاع جي ??جيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي، بي آءِ ايس پي لاءِ 450 ارب جي ??قم رکيل آهي جيڪا سٺو سنوڻ آهي، مسلم ليگ (ن) جي ميمبر چوڌري محمد اشرف چيو ته ننڍا ڊيم بڻايا وڃن. نهرن مان بجلي پيدا ڪرڻ جي ??ستي ترين بجلي حاصل ٿي سگهي ٿي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ي توجهه ڏني وڃي. متبادل ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ڀاڻ تي ٽوڪن جو سلسلو ڪامياب نه رهيو، ان لاءِ بهتر آهي ته ڀاڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. ڪيڙي مار دوائن جي ڪا فيڪٽري پاڪستان ۾ ناهي، هيءَ پيداوار پاڪستان ۾ هئڻ گهرجي. شميم آرا پنهور بجيٽ ۾ حصو وٺندي چيو ته بجيٽ ۾ پگهارن ۾ اضافو سٺو سنوڻ آهي. ڏهاري تي ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ به سوچڻو پوندو. هن چيو ته آبادگارن لاءِ قرض جي ??د ۾ اضافو ۽ زريع ٽيوب ويلز کي شمسي توانائيءَ تي منتقل ڪرڻ سان ملڪ ۾ زراعت جي ??عبي کي هٿي حاصل ٿيندي. نزهت پٺاڻ چيو ته موجوده مشڪل حالتن ۾ حڪومت متوازن بجيٽ پيش ڪيو آهي. ه?? وقت عالمي سطح تي مهانگائي ۽ ٻيون معاشي مشڪلاتون موجود آهن. اسان حڪومت جي معاشي ٽيم کي متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن بجيٽ ۾ استعمال ٿيل ڪپڙن تي ٽيڪس جي ڇوٽ جي ??ه تعريف ڪئي ۽ چيو ته اسان جي ماڻهن کي امداد ڏيڻ بجاءِ کين روزگار ڏيڻ تي توجهه ڏنو وڃي. هن 9 مئي جي واقعن کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. مير منور ٽالپر چيو ته گذريل سال آيل ٻوڏ سان متاثر علائقن جي ماڻهن کي اڃا به ڏُکيائين کي مُنهن ڏئي رهيا آهن، متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، بجيٽ ۾ آءِ ٽي ۽ زراعت لاءِ مراعتون سٺو سنوڻ آهي پر اسان کي ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته کاري پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته شيل سڄي ملڪ ۾ ڪاروبار بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا. هن چيو ته ٻوڏ سان سنڌ م زرعي شعبو بُري طرح متاثر ٿيو آهي، اهو شعبو معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکي ٿو، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هارين کي زرعي قرضن ۾ رعايت ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ کي پاڻي جي ??قسيم جي معاهدي مطابق پاڻي فراهم ڪيو وڃي. مولانا ڪمال الدين چيو ته قرضن جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جيستائين اسان پنهنجي ??دارن کي ڪنٽرول ۾ نه آڻينداسين ا?? وقت تائين قرضن جو ناسور جاري رهندو. هن چيو ته ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻ جي ??رورت آهي جيڪي ماڻهو ٽيڪس چوريءَ ۾ ملوث آهن انهن کي ايف بي آر جي ??هلڪارن جي معاونت حاصل آهي، اهڙيءَ طرح اسمگلنگ ۾ به اهلڪارن جي معاونت شامل هوندي آهي، اسان کي قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ وارن جو تدارڪ ڪرڻو پوندو، اسان کي بلوچستان جي ??نجر زمين وارن علائقن کي پوکيءَ لائق بڻائڻو پوندو، ڪڇي ڪينال جا فيز ون ٺهي چڪو آهي. فيز ٽو تي اڃا ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. هي منصوبو مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ زراعت جي ??عبي ۾ انقلاب ايندو. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر طاهر اورنگزيب چيو ته بي آءِ ايس پي جو فائدو پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي ٿيڻ گهرجي. بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي ??رقي هئڻ گهرجي. بلوچستان ۽ ايران جي ??رحد تي هڪ مارڪيٽ بڻائي وئي آهي اتان روينيو ۾ واڌ ۽ روزگار جا مو??عا پيدا ٿيندا. اتحادي پارٽين سمورن اختلافن باوجود ملي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ملڪ جي مفاد کي مٿاهون رکيو. نواز شريف ملڪ مان دهشتگر??يء?? جي ??اتمي لاءِ سمورين ڌُرين کي هڪ ميز تي ويهاريو، دهشتگردن کي ٻيهر متحرڪ ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، وزير پنهنجي وزارتن ۾ ڀرپور ڪم ڪندا آهن. اتحادي حڪومت جي ڪوشش سان پاڪستان سفارتي لحاظ کان دنيا ۾ اڪيلائيءَ کان نڪري آيو آهي، اطلاعات واري وزارت طرفان صحافين لاءِ هيلٿ انشورنس فنڊ جو قيام اهم اڳڀرائي آهي. پ پ جي ??ورت ميمبر شما النساء بجيٽ کي عوام دوست قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ پاڻي جي ??سد لاءِ گريٽر واٽر اسڪيم لاءِ فنڊ وڌايا وڃن. آبادگار دوست بجيٽ تي حڪومت مبارڪبن جي ??قدار آهي. 50 هزار ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ اهم منصوبو آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ رليف اهم آهي. مسرت رفيق مهيسر چيو ته مشڪل حالتن ۾ حڪومت سٺو بجيٽ ڏنو آهي ۽ پورهيتن ۽ـ آبادگارن کي بهتر قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته 9 مئي جي مجرمن کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي، ان روش جي مذمت ڪريون ٿا، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪري هڪ وڏي آبا??يء?? کي رليف ڏنو ويو آهي، هي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏين ٿا.