اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ صنعت ۽ پيداوار واري ڊويز?? جي لاءِ 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب هڪ هزار انڊسٽريل اسٽيچنگ ??ونٽس جي لاءِ 16 ڪروڙ 61 لک رپيا، بزنس اسڪلز ڊيولپمينٽ سينٽر فار وومين ڊيره اسماعيل خا?? جي لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپيا، انڊسٽريل ڊيزائننگ سينٽرز ڪراچي، لاهور ۽ سيالڪوٽ جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا، نيشنل بزنس ڊيولپمينٽ پروگرام ۽ ايس ايم ايز جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا، پراڊڪٽ ڊيولپمينٽ سينٽر سيالڪوٽ جي لاءِ 4 ڪروڙ 58 لک رپين سميت ٻين منصو??ن جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن.