اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن وارو عالمي ڪنوين??ن پارليامنٽ هائوس ۾ شروع ٿي ويو. قومي اسيمبلي هال ۾ افتتاحي سيشن ۾ سع??دي عرب، ايران، آذربائيجان، شام ۽ بئلجيم جي اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪرز، چيئرپرسنز سميت سريلنڪا، لبنان، اومان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي پارلياماني وفدن سميت وفاقي وزيرن، پارليامنٽ ميمبرن، سفارتڪارن ۽ س??ل سوسائٽي سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ چيو ته آئين ڪنهن به رياست لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ دستاويز آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وزن تحت 1973ع جو آئين جوڙيو ويو. هن چيو ته ان ئي سبب پاڪستان پنهنجي سڀني وفاقي ايڪن سان قائم ۽ دائم آهي. آئين ۾ انساني حقن، ٻارن جي تعليم، رياستي ادارن جي ??خت??ارن جي تقسيم، پارلياماني ۽ س??اسي نظام ۾ عورتن جي شموليت جي حوالي سان سڀني معاملن جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو تها ڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو به سياسي ۽ جمهوري عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جو آئين پارلياماني جمهوري آهي. هن آئين جي شروعات جو ذڪر ڪندي چيو ته اقتدار اعليٰ ا??له تعاليٰ جي ذات وٽ آهي جنهن کي لاڳو ڪرڻ چونڊيل نمائندا آئين جي ??خت??ارن تحت ڪندا آهن. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي هال ۾ ڪنوينشن جي سڀني نمائندن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف سان گڏ گروپ فوٽو ٺهرايو.