اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) خميس ڏين??ن ڪانسٽيٽيوشن موبائيل ايپ جو اجراءَ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪانسٽيٽيوشن موبائيل ايپ پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي ڏس ۾ جاري ڪئي پئي وڃي. ڪانسٽيٽيوشن موبائيل ايپ وزيراعظم جي ويزن تحت پاڪستان جي عوام کي پاڪستان جي آئين کان روشناس ڪرائڻ ۽ ان کي سمجهڻ ۾ هر شهري جي مدد ڪندي. وزيراعظم جي ويزن تحت پاڪستان جي آئين تائين هر خاص ۽ ??ام جي پهچ ۽ ان جي تعليم ??ام ڪرڻ جو هي تاريخي قد?? ڪانسٽيٽيوشن موبائيل ايپ اطلاعات واري وزير جي قيادت ۾ اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وزارت پاران تيار ڪئي وئي آهي. ان موبائيل ايپ جي تياري ۾ نادرا پڻ تعاون ڪيو.