اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي گادي واري شهر سرينگر ۾ 22 کان 24 مئي تي جي 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جو اجلاس منعقد ڪرڻ جي ڀارت جي فيصلي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته نوجوانن جي معاملن تي هڪ مشاورتي فورم (وائي 20) جي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ ٻن ٻين اجلاسن جو ليهه ۽ سرينگر ۾ شيڊيول پڻ ايتر?? ئي پريشان ڪندڙ آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت جو غيرذميواراڻو قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئو??سل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ اها ڀارت پاران ڄمون ۽ ڪ??مير تي پنهنجي غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي تازي قدمن جي ڪڙي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن قدمن جي شديد مذمت ڪري ٿو، اهڙي طرح جا قدم ڄمون ۽ ڪ??مير جي حقيقت کي لڪائي نه ٿا سگهن جيڪو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئو??سل جي ايجنڊا تي 7 ڏهاڪن ک??ن وڌيڪ عرصي ک??ن موجود آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته نه ئي اهڙي طرح جون سرگرميون والاريل علائقي جي آبادياتي ساخت کي تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني ڪوششن سميت ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي ماڻهن تي ڀارت جي وحشياڻي ڏاڍ سان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي سگهن ٿيون. بي??ن موجب ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ جي 20 ايونٽس جي ميزباني ڪرڻ جي پنهنجي فيصلي سان ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ اهم عالمي گروپ جي پنهنجي ميمبرشپ جو فائدو کڻي رهيو آهي ته جيئن پنهنجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي سگهجي. بي??ن موجب هڪ اهڙي ملڪ جي لاءِ جنهن جو پنهنجي بابت ۽ دنيا ۾ پنهنجي مقام بابت شاندار نظريو آهي، ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي برادري جي ذميوار ميمبر طور ڪم ڪرڻ کان قاصر آهي.