اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن آئين جي نص??ب ۾ شموليت جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قرارداد پيش ڪئي. قرارداد پيش ڪرڻ کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڪميٽي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ڪري پهريون ڀيرو باقاعده پارليامينٽ مان قرارداد پيش ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نص??ب ۾ آئين، جمهوري قدرن، روايتن ۽ آئيني نظام کي نصاب ش??مل ڪيو پيو وڃي، هي تاريخي ڏينهن ان لاءِ به آهي ته تاريخ جو رخ صحيح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، حقيقي تاريخ پاڪستان جي عوام کان لڪايل اسان ان کي نص??ب ۾ ش??مل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق ينگ پارليامينٽري ايسوسيئيٽس جو س??ر شروع ڪيو هو اڄ ان جو تاريخي رخ مڪمل ٿي رهيو آهي، پهريون ڀيرو ??نگ پارليامينٽري ايسوسيئيٽيس 250 تائين پهچي چڪي آهي، اسڪول ۽ يونيورسٽي جا ٻار پارليامينٽ ۾ انٽرنشپ ڪن ٿا. قرارداد پيش ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي ڪنوينشن متفقه طور تي عزم ڪري ٿو ته آئين ۽ جمهوري شهري تعليم کي صوبائي حڪومتن جي ڪنٽرول هيٺ سمورن اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تربيتي ادارن جي نصاب ۽ تعليمي سرگرمين جو لازمي حصو بڻايو ويندو. 1973ع جي آيئن ۾ ڏنل بنيادي حقن، پاڪستان ۾ آئيني ۽ جمهوري اڳڀرائي جي غيرجانبداراڻي اظهار سان گڏ صوبن جي اسڪولن/ ڪاليجن/ يوينورسٽين ۾ پڙهايا ويندڙ لاڳاپيل مضمونن جي نصاب ڪتب (جهڙوڪ پاڪستان اسٽڊيز، هسٽري، يا سوشل اسٽڊيز، اردو، انگريزي يا ڪو ٻيو) ۾ ش??مل ڪيا ويندا تعليمي ڪئمپسز ۾ غير ۽ هم نصابي سرگرميون پاڪستان ۾ پارلياماني جمهوريت، بنيادي حقن ۽ آئيني نظام بابت موضوعن کي استحقاق ڏينديون. عوامي خدمت جا نشرياتي ادارا ۽ آزاد نجي ميڊيا پنهنجي عوامي خدمت جي ذميوارين تحت شهرين ۽ رياست جي وچ ۾ هڪ فعال معاهدي طور تي آئين ۽ ان جي موزونيت بابت افهام تفهيم وڌائڻ جي لاءِ مناسب وقت وقف ڪندا. صوبائي حڪومتون آئين جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ان جي تحفظ جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستاني عوام تائين پهچ حاصل ڪنديون. هي ايوان 18 هين آئيني ترميم تحت ان آئيني شق جي حقيقي روح کي برقرار رکڻ جو عزم ڪري ٿو جنهن تحت تعليم جو موضوع صوبن کي ڏنو ويو آهي. ان لاءِ هي ايوان صوبائي حڪومتن تي زور ڏي ٿو ته اهي ضروري ڪارروائي ۽ گهربل ضروري ڪم ڪن. وفاقي حڪومت سمورين صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي اڪائين جي حڪومتن تي زور ڏيندي ته اهي ان قرارداد تي عملدرآمد ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته آئين جي اهميت ۽ ان جي نمايان نقطن جو مطالعو خاص طور تي انساني حقن (ٻارن، عورتن، اقليتن، مناسب عمل ۽ عالمي انساني حقن جي ذميوارين) ۽ اختيارن جي تثليٽ بابت ڪورسز صوبن جي سمورن تعليمي ادارن جي نص??ب ۾ ش??مل هجن. ڪنوينشن ان قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو.