اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ موثر قانونسازي ۽ ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ انت??ام?? معاملن جي لاءِ ان جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي نا??ي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ واپار ??ارو وفاقي وزير سيد نويد قمر پڻ موجود هئا.