لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اس??ام آباد ۾ مفت اٽي جي لاءِ اهڙا اهل ماڻهو جيڪي رجسٽرڊ نه آهن انهن ج?? فوري رجسٽريشن يقيني بڻائي وڃي، اٽي جي ورڇ وارين پوائنٽس تي نادرا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران رجسٽريشن ج?? لا??ِ پنهنجا ڪائونٽرز قائم ڪيا وڃن، رمضان دوران غريب طبقي جي مشڪلاتن ۾ جيستائين مڪمن ٿي سگهي گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، مفت اٽي جي ورڇ 25 رمضان تائين جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان پئڪيج تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شازيه مري، مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مفت اٽو اسڪيم پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اس??ام آباد ۾ جاري آهي جنهن سان اهل خاندانن ج?? وڏو انگ فائدو کڻي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ اٽي جي ورڇ وار??ُو?? پوائنٽس شادي هالز ۾ ٺاه??ُو?? و??ُو?? آهن جتي ماڻهن کي انتظار دوران مشڪلاتن کي بلڪل به منهن ڏيڻو نه پئجي رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم لاهور ۽ قصور ۾ اٽي جي ورڇ وارين پوائنٽس جو دورو ڪيو هو جتي انتظامن کي اطمينان ج?? قرار ڏنو هو. وزيراعظم پنجاب، خيبرپختونخواهه حڪومت ۽ اس??ام آباد انتظاميا جي ان پروگرام ۾ شامل سمورن ادارن ۽ اهلڪارن ج?? ڪوششن کي ساراهيو.