اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سع??دي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيلي??ون?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سع??دي عرب ۽ ايران جي وچ م لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ بابت تازي ”ٽه ڌريي گڏيل بيان“ جي ذريعي اعلان تي سع??دي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مثبت اڳڀرائي تي سع??دي عرب جي قيادت کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اهو معاهدو پوري خطي ۾ امن، سلامتي، واپار ۽ ترقي جي لاءِ بامعنيٰ ڳالهين جي شروعات جي راهه هموار ڪندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ??ي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو.