اسلام آ??اد – 16 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چي?? آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سينيٽ آف پاڪستان پنهنجو ڪ??دار ادا ڪندو رهندو، دنيا ماحولياتي گدل??ڻ ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو به ڪردار نه هجڻ جي باوجود هن جي متاثر ٿيڻ جو ازالو ڪ??ي ۽ پاڪستان سان گڏ بيهي. قانون واري وزير سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چي?? ته انهن تقريبن جي موقعي تي معاشري جي مختلف طبقن جي نمائندن جا خيال ٻڌڻ جو موقعو مليو آهي، مشهور ڪاروباري شخصيتن، ناميارن وڪيلن ۽ صحافين جا خيال ٻڌڻ جو موقعو ميسر آيو، هن ايوان کي ڪميٽي آف دي هول ۾ تبديل ڪرڻ جو تصور بهترين هو ۽ سمورن مهمانن کي هتي پنهنجي خيالن جو اظهار جو موقعو ڏيڻ اهم قدم آهي، سينيٽ چيئرمين سڀني کي گڏجي ويهڻ جو موقعو ڏنو ته هو هتي ويهي سينيٽ آف پاڪستان جي 50 سالا ت??ري?? جو جائزو وٺن ۽ بطور قوم هتي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي بحث هيٺ آڻين. هن چي?? ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪندو رهندو، سينيٽ جو ڪ??دار عالمي فورمن تي نمايان رهيو آهي، پنهنجي موقف کي بيان ڪيو، هن چي?? ته عالمي برادري کي اسلام آ??اد ۾ موجود سفارتڪارن جو هڪ وڏو تعداد هتي موجود آهي ان جي موجودگي جو فائدو کڻندي آئون عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين جي چئلينجن جو ذڪر ڪندس، گذريل گرمين ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ان جي ڪري ٻوڏ آئي، آئون عالمي سطح تي هي معاملو اڪثر اٿاريندو رهيو آهيان ته پاڪستان جو عالمي گدل??ڻ ۾ هڪ سيڪڙو به حصو ناهي پر اسان ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪ??يون ٿا ته اڳتي وڌي ۽ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري ۽ پاڪستان سان گڏ بيهي، اسان سڀني کي پاڪستان سان گڏ بيهڻو پوندو، پاڪستان لاءِ هي مشڪل وقت آهي، پاڪستان جي عوام ۽ مملڪت پاڪستان جي بهتري لاءِ اسان سڀ گڏ بيٺل آهيون.