اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن کي يڪجهتي ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيڻ جي لاءِ ترڪيه وڃي رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جيتوڻيڪ به جدا ??ياستن ج?? شهري آهن پر هڪ قوم وانگر هڪ جان ٻه دل آهن ۽ اسان انهن جي نقصان کي پنهنجو نقصان سمجهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ شام ۾ زلزل?? سان ٿيندڙ تباه?? سان ڪا به حڪومت اڪيلي سر منهن نٿي ڏئي ??گه??. ڪو به ملڪ ڀلي اهو ڪ??ترو ئي وسيلن سان مالامال هجي ايتري وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جو مقابلو اڪيلي نه ٿو ڪري ??گه??. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته دنيا انسانيت جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي حل لاءِ تعاون وڌائي.