اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جنهن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بورڊ ڪئي آهي انهن جي نجڪاري جي ع??ل کي تيز بڻايو وڃي، نجڪاري جي ع??ل ۾ شفافيت اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي ع??ل جي رفتار جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جي نجڪاري جي ع??ل جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بورڊ آهي انهن جي نجڪاري جي ع??ل کي تيز بڻايو وڃي. جڏهن ته ان عمل کي شفاف انداز ۽ انٽرنيشنل بيسٽ پريڪٽسز جي روشني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار، ت??انائي واري وفاقي وز??ر انجنيئر خرم دستگير خان، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وز??ر مصدق ملڪ، وز??راعظم جي خصوصي صلاحڪار محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.