پشاور – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهتو جتي هن ملڪ سعد شهيد پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ايل آ?? ايڇ پهچڻ تي نگران وڏي وزير اعظم خان، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام، آءِ جي پوليس معظم جاه انصاري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع وارو وفاقي وزير خو??جه ??حم?? آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ صوبائي حڪومت جا ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وزيراعظم ايل آ?? ايڇ جي مختلف وارڊز جو دو??و ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.