اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خا?? متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي ٻاهر ٿيندڙ دهشتگردي جي بز??لاڻي حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري دهشتگردي جي ڪارروائي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي کي ورجائيندي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ افغانستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو.