اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي سماجي ۽ ??عا??ي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ضرورتن ۽ معذورين کي نظر ۾ رکندي انهن جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي پنهنجي روزاني جن سرگرميون سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻائڻ گهرجي ۽ ??عا??رتي شموليت جي راهه ۾ ايندڙ سماجي، اقتصادي ۽ ڍانچاجاتي رڪاوٽن کي ختم ڪري انهن کي برابر جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر ا??ڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز، ڪيٽ??، سائٽ ۽ ڪورنگي ايسوسيئيشنز ج??ڙن ڪاروباري تنظيمن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ انهن جي مختلف مقرر لاڳاپيل ڌرين خاص طور تي ڪاروباري برادري جي ذميواري بابت ??عا??ري ۾ بيدار?? پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سماجي ۽ اقصادي سرگرمين جي مرڪزي ڌارا ۾ پٺت?? پيل ڪميونٽيز خاص طور تي معذوري ماڻهن جي شموليت کي يقيني بڻائي پاڪستان جي ??عا??ري کي جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها خصوصي ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل خاص طور تي ڪاروباري مرڪزن، صنعتي علائقان، مالياتي مرڪزن، بئنڪن، واپاري علائقن ۽ بازارن ۾ وهيل چيئر فرينڊلي ريمپ ٺاهي انهن جي چرپر ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد ۽ ڪم جي جاين تي انهن جي لاءِ دوستاڻو ۽ سازگار ماحول يقيني بڻايو وڃي. صدر عارف علوي ??عا??ري ۾ خصوصي ماڻهن جي زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ انهن سان باعزت سلوڪ ڪرڻ ۽ همدردي سان پيش اچڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي. هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته اهي اڳتي ا??ن ۽ ان نيڪ مقصد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن کي هنر ۽ ضروري تربيت فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اهي پاڻڀرا ۽ مالي طور تي خودمختيار بڻجي سگهن. خاون اول بيگم ثمينه علوي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ سهولتن جي حوالي سان آگاهي مهم بابت آگاهه ڪيو.