اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان جي گاد?? واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي جمعي ڏ??نه?? حملو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مش?? عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻاي?? ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ ۾ ٿيندڙ حملي ۾ هيڊ آف مشن محفوظ رهيو. ترجمان موجب جڏهن ته هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ سپاهي اسرار محمد هيڊ آف مشن جي حفاظت ڪندي حملي ۾ شديد زخمي ٿيو آهي. بيان ۾ چي?? ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن تي قاتلا??ي حملي ۽ سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت فوري طور تي ان حملي جي مڪمل جاچ، جوابدارن کي پڪڙڻ، انهن جو محسابو ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.