اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي بدستور پاڪستان جي اهم مسئلن مان هڪ آهي، اسان جي هٿياربند فوج ۽ پوليس بهادري س??ن ان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هاڻي اسان ڪنهن ??لطي کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، دهشتگردي پاڪستان کي درپي?? مسئلن مان هن وقت به هڪ اهم مسئلو آهي، اسان جي هٿياربند فوج ۽ پوليس ان دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت لاءِ لفظ ڪافي نه آهن، منهن??ون دعائون ڏکويل خاندانن سان گڏ آهن.