لاهور – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ جي دنيا ۾ علم تي ٻڌل معيشت ترقي جي چاٻي آهي، غربت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان کي تعليم ۽ علم کي فروغ ڏيڻو پوندو، نوجوان نسل اسان جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوان ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا، فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ذميواري آهي ته ملڪي ترقي جي لاءِ عملي ميدان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن م??ها?? يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت دوران خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ماڊرن ايجوڪيشن جي فروغ ۽ ترقي جي لاءِ شيخ الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر طاهرالقادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، معياري تعليم ۽ تربيت جي فراهمي ۽ تحقيق جي فروغ جي ڪري م??ها?? يونيورسٽي نجي تعليمي شعبي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. هن چيو ته اسان کي اسلامي قدرن جي روشني ۾ سماجي معيار ۽ معاشري کي تبديل ڪرڻو آهي. شاگردن کي مخاطب ڪندي صدر چيو ته اها توهان جي ذميواري آهي ته پاڪستاني معاشري کي مڪمل ڪرڻو آهي ۽ توهان جون ??گر??ون به ان جي گهر ڪن ٿيون، انهي لاءِ توهان کي م??ها?? يونيورسٽي ۾ سٺي تعليم ۽ تربيت ڏني وئي آهي، توهان کي محنت، ايمانداري ۽ ديانتداري سان ڪم ڪرڻ گهرجي، اهو ئي علامه اقبال جو پيغام به آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، مون سمورن عالم سڳورن ۽ تعليم واري وزارت جي ماڻهن کي گڏ ويهارڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن آئوٽ آف اسڪول ٻارن کي تعليمي سرڪل ۾ آڻي سگهجي، عالم سڳورن چيو ته فجر کان ظهر تائين اسان وٽ جڳهه موجود آهي، اتي ٻارن کي پڙهائي به سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ۽ ??گر?? حاصل ڪرڻ کانپوءِ توهان جڏهن معاشري ۾ پنهنجي روزگار جي لاءِ ويندا ته توهان پنهنجي تعليم کي ماڻهن جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ ۾ استعمال ڪريو، معاشري ۾ مثبت ۽ اصلاحي قدمن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ته جيئن اسان هڪ ڪامياب معاشرو جوڙي سگهون. صدر چيو ته م??ها?? يونيورسٽي ۾ 50 سيڪڙو شاگردياڻين جو پڙهڻ تمام خوشي جي ڳالهه آهي ان سان معاشرو ترقي طرف گامزن ٿيندو. صدر وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل اسان جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوان ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا. ان کان اڳ م??ها?? يونيورسٽي جي ڊپٽي چيئرمين ڊاڪٽر حسين محي ا??دي?? آجياڻي وارو خطاب ڪيو ۽ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. شيخ الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر طاهرالقادري ڪانووڪيشن تقريب ۾ وڊيو لنڪ خطاب ڪندي چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي چاٻي تعليم يافته باڪردار نوجوانن جي هٿ ۾ آهي، تربيت کانسواءِ تعليم بي فائده آهي، نوجوان تعليم ۽ تحقيق سان مضبوط رشتو قائم ڪن ۽ ڪردار کي شفاف رکن. ڪانووڪيشن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان، پنجاب اسيمبلي جي سيڪ??يٽ??ي عنايت الله، بي او جي م??ها?? يونيورسٽي جي ڊپٽي چيئرمين ڊاڪٽر حسين محي ا??دي?? قادري، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ساجد محمود شهزاد، ڪانووڪيشن ۾ ناظم اعليٰ م??ها?? القرآن انٽرنيشنل خرم نواز گنڊاپور، واپاري اڳواڻن، بابر جاويد بٽ، طارق نثار سميت مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن کانسواءِ م??ها?? يونيورسٽي جي ڊينز، ايڇ او ڊيز ۽ پوزيشن هولڊرز شاگردن ۽ وا??دي?? جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. بعد ۾ سالياني ڪانووڪيشن ۾ 1562 گريجوئيٽس ۾ ??گر??ون ۽ اعليٰ ڪارڪردگي تي ميڊلز ورهايا ويا.