شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماحولياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خشڪ علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي ل??ءِ فني مهارت جي فراهمي جي ذريعي ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي، زمين کي ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو سمٽ 2022ع کي خط??ب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پائيدار مستقبل جي گڏيل ويزن، موثر تعاون، علائقائي، عالمي رابطن ۽ سائنس تي ٻڌل فيصلاسازي جي رهنما اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، ايم جي آئي موسمياتي تبديلي جي روڪٿام لاءِ صحيح رخ ۾ هڪ وڏو قدم آهي، پاڪستان ان قدم جي وسيع مقصدن جي ل??ءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ميمبر ملڪن سان گڏ زمين کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ گهربل هر قدم ۾ ويجهي تعاون جو منتظر آهي. وزيراعظم چيو ته ان اهم سربراهه اجلاس جي انعقاد جي ل??ءِ محمد بن سلمان ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي جا ٿورا مڃون ٿا، اسان مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) شروع ڪرڻ تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ان اهم ويزن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جيڪو وچ اوڀر ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ماحولياتي نظام جي بحالي جو قدم آهي. هن چيو ته ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي تحت فطرت تي ٻڌل حل اسان جي ملڪ جي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کان بچاءُ جي ايجنڊا جو بنياد آهي، اهڙي طرح فطرت تي ٻڌل قدم جهڙوڪ وڻڪاري، ملڪن کي مواققت جي صلاحيت جي تعمير ۾ مدد ڪن ٿا، گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪين ٿا ۽ قومي ۽ علائقائي سطح تي موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي روڪڻ ۽ انهن جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ڪن ٿا، اهو اسان جي ايجنڊا جو مرڪز آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ شامل ڪيترن ئي ٻين ملڪن کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن جي ڪري تيز رفتار ماحولياتي عدم توازن درپيش آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي شديد برساتن، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، گرمي جي شدت، ٻيلن ۾ لڳندڙ مسلسل باهه، گليشيئرز جي پگهڙڻ سان ٻوڏ ۽ اهڙي قسم جي ڪيترين ئي موسمياتي تباهي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پائيدار مستقبل جي گڏيل ويزن، موثر تعاون، علائقائي ۽ عالمي رابطن ۽ سائنس تي ٻڌل فيصلاسازي جي رهنما اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جيڪو ان قدم کي ميمبر ملڪن ۽ انهن جي آبادي کي زندگي بدلائيندڙ ڪاميابي ۾ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪندو. وزيراعظم چيو ته گرين پاڪستان پروگرام 2016ع ۾ شروع ڪيو ويو جيڪو وڻڪاري جو اسان جو قومي پروگرام آه?? جيڪو 2023ع تائين 3 ارب 30 ڪروڙ وڻ لڳائڻ ۽ 2030ع تائين ٽيڻ تي اضافي جي هدف سان گڏ جاري آهي، ان سان مقامي آبادي جي ل??ءِ روزگار جا هزارين موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته هتي پاڪستان جي پروٽيڪٽيڊ ايرياز انيشي ايٽو جو پڻ ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن اسان جي خطرن ۾ ورتل نباتات ۽ حيوانيات جي تحفظ لاءِ 36 لک هيڪٽر محفوظ علائقن ۾ اضافو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي گرين انيشي ايٽو کي هلائڻ جي ل??ءِ سعودي عرب ک?? ساراهي ٿو، پاڪستان اڳ ۾ ئي ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ ماهرن جي فراهمي جي ذريعي تعاون کي وسعت ڏئي چڪو آهي، اها رڳو شروعات آهي، پاڪستان ايم جي آئي جي سمورن ميمبر ملڪن کي خشڪي وارن علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي، مين گرووز، محفوظ علائقن جي انتظام، ڪاربن اسٽاڪ جي تشخيص ۽ ٻيلن جي نگراني جي نظام جي قيام بابت تجربن ۽ فني مهارت جي مٽاسٽا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي گهري راضپي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته زمين عمل جي ل??ءِ پڪاري رهي آهي پر ائين لڳي ٿو ته اسان مشڪل طريق?? سان سکڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي، ايم جي آئي طرز جو قدم صحيح رخ طرف هڪ وڏو قدم آهي، پاڪستان ان قدم جي وسيع تر مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ميمبر ملڪن سان گڏ رڳو ان قدم جي حد تائين نه پر موسمياتي تبديلي جي اثرن کان زمين کي محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ هر قدم تي ويجهي تعاون سان ڪم جو منتظر آهي.