اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز واري وفاقي وزير عب??القادر پٽيل چيو آهي، ته حڪومت هاڻوڪي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل صحت جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آ??ي. بيان مطابق عب??القادر پٽيل برلن ۾ معاشي طور تعاون جي باري ۾ جرمن پارليامينٽري، اسٽيٽ سيڪريٽري، باربل ڪوفلر سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غير معمولي قدرتي آ??تن س??ب صحت جي بنيادي ڍانچو مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي نظام جي بحالي لاءِ عالمي برادري جي امداد جي ضرورت آهي. معاشي معاملن جي تعاون جي باري ۾ باربل ڪوفلر يقين ڏياريو ته جرمني پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان مڪمل تعاون جاري رکندو. ان موقعي تي پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو.