نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان اقليت?? جي حق?? جي فروغ ۽ تحفظ کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستا?? جي آئين ۾ انه?? جي حقن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ عدليه انهن کي برقرار رکيو آهي. مملڪتي وزير اها ڳالهه نيويارڪ ۾ آمريڪا جي عالمي مذهبي آزادي بابت سفير رشاد حسين سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته پاڪستا?? جي پارليامينٽ اقليتن سميت سمورن شهري?? جي انساني حق?? جي تحفظ کي تمام گهڻي سنجيدگي سان وٺي ٿي، مذهبي هم آهنگي پاڪستا?? جي طاقت آهي ۽ مذهبي اقليتون پاڪستا?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پارليامينٽ، عدليه ۽ خدمتن ۾ انه?? جي نمائندگي آهي، انهن کي سياسي طور تي ٺوس بڻائڻ ۽ انه?? جي نمائندگي وڌائڻ جي شعوري ڪوششون ڪيون پيون وڃن. مملڪتي وزير چيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ڪشميري?? جي خلافل ??سلسل ڏاڍ عالمي برادري خاص طور تي آمريڪا جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. رشاد حسين پاڪستان ۾ تباه?? آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري قيمتي جاني?? جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن مذهبي آزادي سان لاڳاپيل معاملن تي آمريڪا سان پاڪستا?? جي مسلسل رابطن کي ساراهيو.